پبلڪ لائبرري سجاول

پبلڪ لائبرري سجاول: پبلڪ لائبرري سجاول، ٽائون ڪاميٽي سجاول طرفان 1961ع ۾ قائم ڪئي وئي، ان وقت جي چيئرمئن سيد محبوب شاهه شيرازيءَ جي ڪوششن سان هيءَ لائبرري قائم ٿي ۽ ان لاءِ هڪ عاليشان عمارت پڻ تعمير ٿي. هن لائبرريءَ ۾، شروعات ۾ ديوان چئنراءِ، ڀليڏنو دايو ۽ ڪجهه ٻيا انچارج ٿي آيا، جن اعليٰ نموني هن لائبرريءَ کي هلايو. هن لائبرريءَ جو ڀاڳ تڏهن کليو، جڏهن 1977ع ۾ عبدالعزيز منڌرو انچارج ٿي آيو. ان وقت جي مختيارڪار ۽ ائڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سجاول، علي نواز افغان، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي، شاهد عزيز صديقي ۽ عبدالعزيز منڌري جي ذاتي ڪوششن سان هن لائبرريءَ لاءِ مختلف ادارن مان ويهه هزار ڪتاب گڏ ڪيا ويا، جن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، گجراتي، سرائڪي، بلوچي، عربي، فارسي، فرانسيسي ۽ ٻين مختلف زبانن ۾ ڪتاب ۽ ناياب قلمي نسخا شامل هئا. ان کان علاوه 26 زبانن ۾ قرآن شريف جا ترجما پڻ گڏ ڪيا ويا. هن لائبريريءَ ۾ روزانو 22 کن اخبارون اچن ٿيون ۽ انهن کان سواءِ تقريباً ڏيڍ سؤ ماهوار، هفتيوار ۽ پندرهن روزه رسالا ايندا رهن ٿا. لائبرريءَ ۾ موجود فرنيچر ۽ الماريون، سرنديءَ وارن ماڻهن پاران امداد ۾ ڏنيون ويون. مولوي عبدالله ميمڻ، سجاول ٽائون ڪاميٽيءَ جي چيئرمئن ۽ عبدالعزيز منڌري جي ڪوششن سان تقريباً پنج هزار قرآن شريف هن لائبرريءَ پاران سجاول جي شهرين ۾ ورهايا ويا. ان بعد هر سال رمضان شريف جي مهيني ۾ هن لائبرريءَ پاران مدرسي جي شاگردن ۽ شهرين ۾ قرآن شريف جا تحفا ورهايا ويندا رهيا آهن. پبلڪ لائبرري سجاول کي هڪ وڏو هال آهي، جنهن کي ”ايشيا فائونڊيشن ريڊنگ روم“ چيو ويندو آهي. هڪ فري ريڊنگ روم ۽ هڪ اسٽڊي روم به آهي، جنهن ۾ روزانو وڏي تعداد ۾ شاگرد، استاد، صحافي، اديب، شاعر، دانشور، اسڪالر، محقق ۽ عام شهري، خاص مطالعي لاءِ ايندا آهن. انهيءَ کان سواءِ هن لائبرريءَ ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ڪارنر، برٽش ڪائونسل ڪارنر، ايشين ڪائونسل ڪارنر، ۽ خصوصي طور تي قرآن شريف جو شعبو به قائم آهي، جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سربراهن ۽ ضرورتمند ماڻهن مختلف قرآن شريف جا نسخا ۽ قرآن شريف تي لکيل ڪتاب عطيي طور ڏنا آهن. هن شعبي ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، فارسي، گجراتي، پنجابي، سرائڪي، انڊونيشيائي، ملائي، چيني، ڊچ، هسپانوي، اطالوي، سلوني، فرانسيسي ۽ ٿائي زبانن ۾ ترجمي ٿيل قرآن شريف موجود آهن. انهيءَ کان سواءِ شاڪر قاسمي، قاري خوشي محمد، قاري احتشام الحق ٿانوي، خرم مراد، قاري وحيد ظفر قاسمي، مڪي مڪرم جي امام عبدالله الخياط ۽ قاري عبدالرحمان سمرتيءَ جون مڪمل ڪئسيٽون اردو ۽ سنڌي ترجمي سان موجود آهن.


لفظ پبلڪ لائبرري سجاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو